Labour & Human Resource Department

Home    Labour

 

 

سنڌ جي پورهئي واري وزير جو گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالن تي حددخلين تي ڪاوڙ جو اظهار، پنهنجي نگراني ۾ حد دخليون هٽرايون

ميٽرو سينيما کان خيبر محلي ۽ خيبر گيٽ جي روڊ جي تعمير تي 85 لک رُپيا لاڳت آئي: امير نواب خان کي بريفنگ

ڪراچي (10 مئي 2012ع) سنڌ جي پورهئي واري وزير امير نواب خان اورنگي ٽائون جي علائقن الاهي ڪالوني، محمدي ڪالوني، فرنٽيئر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالن تي قائم ناجائز حد دخليون تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اُنهن کي پنهنجي نگراني ۾ هٽرايو ۽ انهن نالن تي آر سي سي فرش وجهڻ ۽ انهن نالن جون سائيڊون تعمير ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي. هو مقامي انتظاميه ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پنهنجي چونڊ تڪ ۾ مختلف علائقن جو دورو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صوبائي وزير امير نواب خان کي علائقي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويئي. ۽ کيس ٻڌايو ويو ته علائقي جي مختلف يوسيز ۾ سروي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪافي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جن ۾ سي سي فلورنگ، ڪارپيٽنگ، سيوريج لائينن وڇائڻ ۽ پارڪن جي مرمت ۽ خوبصورتي شامل آهن. يوسي 5 سلطاني محلي ۾ 33 لک رُپين جي لاڳت سان شاهي مسجد کان ريڙهي چوڪ تائين روڊ جي تعمير ڪئي وئي جڏهن ته سروي موجب اسٽريٽ لائيٽس جي بحالي لاءِ هر يوسي ۾ 25 بلبز ۽ چوڪ فراهم ڪيا ويندا. ميٽرو سينيما کان خيبر محلي تائين 31 لک رُپيا، خيبر گيٽ جي روڊ جي تعمير لاءِ 54 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه صوبائي وزير محنت امير نواب خان پنهنجي ڪيمپ آفيس وليڪا اسپتال ۾ علائقي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هڪ جائزاتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايڊمسنٽريٽر عمران اسلم ۽ مختلف يوسيز جي اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وڳزير امير نواب خان مختلف علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي انتظاميه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اها سڀ ڪاميابي اسان ماڻهن جي پاڻ ۾ لاڳيتن رابطن جو نتيجو آهي تنهن هوندي به اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻا آهن. هُن آفيسرن تي زور ڀريو ته عوام جون اُميدون اسان سان واڳيل آهن ۽ ان ڳالهه جي گهرج آهي ته اسان ماڻهو اُنهن جي مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪريون ڇاڪاڻ ته انهن مسئلن جي حل جي ذميواري مون سان گڏوگڏ سمورن سرڪاري آفيسرن تي به لاڳو ٿئي ٿي. بعد ۾ پورهئي واري صوبائي وزير امير نواب خان علائقي جي دوري دوران عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن وزير علي ۽ محمد سليم خان جي وفات تي سندن گهر ويو ۽ سندن لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ پونئرن کي صبر جي تلقين به ڪئي. دوري دوران اُتان جا مقامي اڳواڻ ذاڪر خان، حاجي روزي گل، پورهئي واري وزير جو پرائيويٽ سيڪريٽري حبيب الرحمان ابڙو ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.                  هينڊ آئوٽ نمبر 390:  (اي ايم ڪي)

 

 

 

 Government of Sindh, Official Web Portal.